لاڙڪاڻي ۾ ڪهاڙي جي زور تي عورت جي تذليل،وحشين مٿي جا وار ۽ ڀرون ڪوڙي ڇڏيا
لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو، مڙس ۽ ٻين جوابدارن عورت کي يرغمال ڪري سندس مٿي جا وار ۽ ڀرون ڪوڙي تذليل ڪئي، گڏ ڪيل ڄاڻ موجب لاڙڪاڻي شهر جي شاهه بهارو ڪالوني ۾ هڪ گهر اندر خيرپور جي رهواسڻ مسمات غلام زهره ميتلو کي مڙس پنهنجي ڀاڻيجن سان گڏجي تشدد ڪري مارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سندس مٿي جا وار ۽ ڀرون ڪوڙي تذليل جو نشانو بڻايو، عورت پاڪ ڪتاب جا واسطا ڏئي پاڻ بچايو جتان ٻيهر عورت پنهنجي نياڻي جي گهر ٻيڙو چانڊيو پهتي ته اتي به کيس جوابدار مڙس ۽ ٻيا مارڻ لاءِ پهچي ويا، بعد ۾ هن وومين ٿاڻو تي پهچي پناهه ورتي، ان موقعي تي هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آئون خيرپور لڳ لقمان جي رهواسڻ آهيان، مون کي 8 پٽ جو اولاد آهي، جن سان گڏ پنهنجي مرحوم والد جي جڳهه ۾ رهندي آهيان، 3 ڏينهن اڳ آئون لاڙڪاڻي ۾ 4 سالن جي پٽ راشد سان گڏ هڪ عزيز جي تعزيت بعد مڙس عبدالستار ميتلو جي ڀاڻيجن عبدالوحيد پٺاڻ، ولي محمد پٺاڻ ۽ باشو پٺاڻ جي گهر پهتس ته مڙس به شام جو پهتو، جنهن ڀاڻيجن سان ملي مون کي گهٽا ڏئي مارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چڪ هڻي منهن مان رت ڪڍيو، پوءِ مڙس ڪهاڙي کڻي بيٺو ۽ سندس ڀاڻيجن منهنجي مٿي جا وار ۽ ڀرون بليڊ سان ڪوڙي ڇڏيا ۽ تذليل ڪئي ۽ پوءِ مون کي هڪ ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو، ٻئي ڏينهن تي هڪ عزيز مداخلت ڪري مون کي آزاد ڪرائي منهنجي نياڻي گلشن جي گهر ٻيڙو چانڊيو ڳوٺ پهچايو، جتي به مڙس مارڻ لاءِ پهچي ويو، پوءِ آئون پهريان تعلقي ٿاڻي ۽ بعد ۾ وومين ٿاڻي تي پهتي آهيان، هن ٻڌايو ته مڙس معمولي ڳالهه تي اڳ به تشدد ڪندو هو ۽ بار بار طلاقون ڏيندو آهي وري واپس اچي ويندو آهي، هو نشو ڪندڙ آهي، هاڻ به بيگناهه تذليل ڪئي آهي، تحفظ ڏنو وڃي، هوڏانهن وومين پوليس ٿاڻي تي مسمات غلام زهره جي فرياد تي سندس مڙس عبدالستار ميتلو، عبدالوحيد پٺاڻ، ولي محمد پٺاڻ ۽ باشو پٺاڻ خلاف گناهه نمبر 1/2011ع ۽ قلم 337 وي، 337 اي ون، 114 ۽ 34 پي پي سي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو، ايس پي او سول لائين فدا حسين چانڊيو وومين ٿاڻي تي پهچي مسمات غلام زهره کان واقعي جا تفصيل ورتا، جنهن بعد پوليس جون 2 ٽيمون جوڙيون ويون، جن واقعي واري هنڌ توڙي ڳوٺ ٻيڙو چانڊيو ۾ ڇاپا هنيا پر مک جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا، پوليس عيوض ۾ ٻن ڄڻن روشن سولنگي ۽ مجاهد سولنگي کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، ايس پي او ٻڌايو ته ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايل جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن، رات دير تائين مسمات غلام زهره وومين ٿاڻي تي پوليس تحفظ ۾ هئي.
No comments:
Post a Comment