پاڪستان کي مالا مال ڪندڙ ”سنڌ ڌرتي“ ۽ ”سنڌ جو عوام“
سونهن لڌي رستماڻي

12 فيبروري 2010 تي سينيٽر ڊاڪٽر اسماعيل بليدي تيل ۽ گيس جي ذخيرن، پيداوار ۽ نوڪرين / ملازمن جا انگ اکر پُڇيا هيا. ان وقت تيل ۽ گيس جو وفاقي وزير نويد قمر ڪجهه تفصيل ڏنا، جيڪي هيٺينءَ ريت آهن:
پاڪستان جي ڪل تيل جي پيداوار ۾ سنڌ جو 72% سيڪڙو، ڪل گيس جي پيداوار ۾ سنڌ جو حصو 71% سيڪڙو، ڪوئلو پاڪستان جي ڪل پيداوار ۾ سنڌ جو 99% سيڪڙو حصو آهي. صرف OGDCL ڪمپني روزانو 93 هزار 642 بيرل تيل جي پيداوار حاصل ڪري رهي آهي. 386 ٽن ايل پي جي
روزانو ڪڍي ٿي. گندرف 91 ٽن روزانو ڪڍي وڪرو ڪري ٿي. سنڌ جي دادوءَ جي جوهي تعلقي ۾ بي ايڇ پي (BHP) ڪمپني سڄي ملڪ جي ڪل گيس جي پيداوار ۾ 13% پيداوار ڏئي رهي آهي. جوهي تعلقي جي ڪوهستان کيرٿر بلاڪ ڀت جبل ڀرسان “Lasmo Eni” ڪمپني ساليانو 7 ارب 83 ڪروڙ 40 لک روپين جو گيس ڪڍي وڪرو ڪري رهي آهي.
پاڪستان جي ڪل تيل جي پيداوار ۾ سنڌ جو 72% سيڪڙو، ڪل گيس جي پيداوار ۾ سنڌ جو حصو 71% سيڪڙو، ڪوئلو پاڪستان جي ڪل پيداوار ۾ سنڌ جو 99% سيڪڙو حصو آهي. صرف OGDCL ڪمپني روزانو 93 هزار 642 بيرل تيل جي پيداوار حاصل ڪري رهي آهي. 386 ٽن ايل پي جي

کيرٿر بلاڪ نمبر 7-2667 ڪوهستان عيسيٰ خان رستماڻي گيس فيلڊ ڪارو ڪوٽ نلي جي گيس ذخيرن کان وڌيڪ مقدار ۽ ڪوالٽي ۾ آهي.
سنڌ جي ڪنڌڪوٽ، سري / هنڊي، گولاڙچي، خاصخيلي، لغاري، چاچڙ، لاشاري، مولان، ٻوٻي، ڪنري، پاسافي ڏکڻ، سونو، ٽنڊو عالم، ٺوڙها، قادر گيس فيلڊ نوراڻي جاگير، چڪ نمبر66 مسڻ، سانوڻ لطيف، تحليل، مرزاڻي، هالا، بلاڪ نمبر22، بي ايڇ پي گيس فيلڊ جوهي، بي ايڇ پي ڀان سعيدآباد گيس فيلڊ، کير ٿر بلاڪ ڀت گيس فيلڊ، ثاقب کير اي ون، زمزما، سارا سوري، ماڙي پور ۽ سنڌ جي ٻين هنڌن تان تيل ۽ گيس جا شاندار ذخير مليا آهن، جيڪي پاڪستان جي پيداوار ۾ هڪ شاندار رڪارڊ آهي. ليڪن بدقسمتي سان جتي به تيل ۽ گيس ڪوئلي جا جيڪي ذخير مليا آهن انهن ضلعن ۽ علائقن جي مقامي ماڻهن سان ظلم اهو آهي ته انهن بي پهچ ماڻهن کي پنهنجي زمين جا ساليانا معاوضا، نوڪريون ۽ ٻيون سالانه بنيادي سهولتون ڏيڻ بدران نام نهاد اين جي اوز ۽ سياسي اڳواڻن جون ڏهه ئي آڱريون گيهه ۾ آهن.
18 مئي 2005 تي دفاعي وزارت پيٽروليم ايڪسپلوريشن جو هڪ لائسنس پولش آئل ۽ گيس ڪمپني کي بلاڪ نمبر 7-2667 کير ٿر ڪورنگ ايريا 22.956 اسڪوائر ڪلوميٽر لاءِ ڏنو.

ٻئي ۽ ٽئين سال 1.8 ملين ڊالر ڊرلنگ وغيره تي خرچ پولش تيل ۽ گيس ڪمپني آپريشنل ايڪسپوليٽري کوهه 200 کان 2800 ميٽر هيٺاهين تائين ڊرلنگ ڪندي.

قانون موجب ٿيل گيس ڪمپني جي تلاش دوران ڪمپني کي قانون مطابق 50 هزار ڊالر مقامي ڪميونٽي جي فلاح لاءِ خرچ ڪرڻا پوندا.
تيل ۽ گيس ڪمپني جا جتي به کوهه هوندا، ڪمپني قانوني طور پابند آهي ته 5 لک ڊالر مقامي ڪميونٽي جي فلاح لاءِ ساليانو خرچ ڪري، ليڪن هتي تيل، گيس ڪمپنيون با اثر ڌرين، ڪاموراشاهيءَ، نام نهاد اين جي اوز، سياستدانن ۽ مافيائن سان ملي ڪري زمين جي اصل حقدارن مظلوم پورهيت قسم جي ماڻهن ۽ هيٺيئن وچولي طبقي جو سفيد پوش ماڻهو هن ماحول ۾ گهڻو ڀوڳي ٿو، پر ان سان انصاف نٿو ڪيو وڃي.
No comments:
Post a Comment