Sindh Hik Tareekhi Mulk


هاڻي سنڌ جي نوجوانن کي سچ سمجهڻو ئي پوندو
زرار پيرزادو 

انگريزن جڏهن دُٻي واري جنگ کٽي ۽ هوش محمد شيديءَ کي شهيد ڪري سنڌ تي قبضو ڪيو هو ته ان وقت سنڌ، هندستان نالي ڪنهن ملڪ حصو نه هئي پر الڳ وطن هئي.
ٿيڻ ائين گهربو هو ته جڏهن انگريز هندستان تي ٽي سئو سال حڪومت ڪرڻ کان پوءِ واپس وڃي رهيا هيا ته سنڌ کي پنهنجي الڳ وطن واري حيثيت تي بحال ڪري وڃن ها پر افسوس ته اهي اهڙي ”اخلاقي جرئت“ جو مظاهرو نه ڪري سگهيا.
اصل ۾ انگريزن پهريون هندستان کي فتح ڪيو ۽ ان بعد سنڌ تي حملو ڪري ان کي پنهنجي برطانوي سلطنت ۾ شامل ڪيو هو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته انگريزن جي هندستان تي قبضي کان اڳ سنڌ، هندستان جو حصو نه هئي.
ائين جڏهن 1940 واري قرارداد پاس ٿي رهي هئي ته تڏهن به اسانجن وڏڙن کي گهربو هو ته اهي پاڪستان نالي ٺهندڙ ڪنهن نئين ملڪ ۾ سنڌ کي ”صوبائي حيثيت“ ڏيارڻ بدران الڳ وطن واري حيثيت۾ بحال ڪرائين ها.
پر ائين نه ڪيو ويو الٽو سنڌ اسيمبليءَ مان پاڪستان ٺاهڻ جي سڀ کان اڳ قرارداد منظور ڪرائي پنهنجن پيرن تي ڪُهاڙي هنئي وئي.
ٻيو ته 1940 واري قرارداد ۾ ورهاڱي جي صورت ۾ لڏ پلاڻ جي ڪا ڳالهه ئي ناهي ڪئي وئي پوءِ آخر سنڌ مان هندن کي ڇو لڏڻ ڏنو ويو ۽ هندستان مان مهاجرن کي ڇو هندستان مان لڏي هيڏانهن سنڌ ۾ اچڻ ڏنو ويو،  اسانجن وڏن جي ٻي وڏي غلطي اها ئي هئي.
اڳتي هلي ته پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ پاڻ به 1955 ۾ ملڪ اندر ون يونٽ مڙهي 1940، قائد اعظم ۽ علامه اقبال واري پاڪستان کان منهن موڙي وئي.
اهو لقاءُ ڏسڻ کان پوءِ بنگالين وڃي پنهنجو ملڪ ”بنگلاديش“ ٺاهيو ۽ جي ايم سيد به ان ملڪي سيٽ اپ مان جند ڇڏائڻ لاءِ ”سنڌو ديش“ جو نعرو لڳايو.
سو 1955 کان پوءِ 1940، قائد اعظم ۽ علامه اقبال واور پاڪستان پر مارشلائن، نظريه ضرورت، ايمرجنسين ۽ آمر حڪومتن جو پاڪستان بڻجي چُڪو هو جنهن ۾ صرف ۽ صرف پنجاب جي مفادن جي ضمانت ڏنل هئي ۽ ننڍن صوبن کي ڀت سان لڳايو ويو.
موجوده مُلڪي سيٽ اپ جي بقا جو هاڻي آخري سهارو 1940 واري قرارداد تي عمل ڪرڻ وڃي رهيو آهي پر الميو اهو آهي ته پاڪستان پنهنجي موجوده 1973 واري آئين جي روح موجب به نٿو هلي.
اهوئي سبب آهي جو اڄ بلوچستان، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه احساس محرومي جو شڪار آهن، ۽ حق خود اراديت جي جدوجهد واري راهه تي نڪري پيا آهن.
بلوچستان جي قوم پرست پارٽين کان پوءِ سنڌي قوم پرست پارٽين به موجوده سيٽ اپ مان پنهنجي بيزاريءَ جو اظهار ڪري عالمي برادريءَ جو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ لاءِ هاڻي ڪراچيءَ اندر وڏا جلسا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا آهن.
سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته بشير خان قريشي جي اڳواڻي ۾ ڪالهه ڪراچي اندر جيڪو تاريخي مارچ ٿيو آهي. تنهن جو مقصد به عالمي برادري کي اهو ياد ڏيارڻ آهي ته سنڌ به تاريخي لحاظ کان ڪڏهن آزاد وطن هو.

بندر مون ڏور ٿيا - قاسم علي شاهه


بندَرَ مُون ڏوُرِ ٿيا
قاسم علي شاهه
سنڌ ٽن تهذيبن کي پاڻ ۾ سمايو آهي، اُهي درياهي، سامونڊي ۽ جابلو تهذيبون آهن. ان ڪري اوائلي سنڌ کي  تهذيبن جو مادرِ وطن سمجهو ويندو آهي ۽ کيس دنيا ۾ ممتاز حيثيت حاصل آهي. سنڌو ماٿر تي تحقيق ڪندڙ دنيا جِي اعليٰ يونيورسٽين جَا مڃيل اسڪالر، سنڌو ماٿر تي سوين تحقيقي مقالا، مضمونَ ۽ ڪتابَ لکي چڪا آهن. بنيادي طور سمجهيو ويو آهي ته، سنڌو تهذيب جا اولين وارثَ زرعي ۽ واپاري سماجن سان لاڳاپو رکندا هئا. سنڌو جو سماج زرعي به هو ته گڏوگڏ واپاري سماج به هو. هن سماج ،  متمدن شهري زندگيءَ جو آغاز ڪندي، ترقي پسند معاشري جو پايو وڌو هو. سنڌو ماٿر جي تهذيب کي سمجهڻ لاءِ ضروري هوندو ته آڳاٽِي  سنڌو لکت جي ڀاڃ(Code Break)  ڪئي وڃي . سنڌو جي زرعي سماج بابت ته اسان کي اڳواٽ خبر آهي، پر سنڌو ماٿر جِي ڏيساور جي ملڪن سان ٿيل تجارت بابت تاريخي دستاويزي ثبوتَ وچ ايشيا جي ملڪن ۽ روس جي ڪُتب خانن ۾ ٽڙيل پکڙيل حالت ۾ پڻ موجود آهن. محترم تاج محمد صحرائي ۽ ڪاڪو ڀيرومل مهرچند آڏاڻي هِن راءِ جا هئا ته اولين سنڌوماٿر جا واپاري پَڻِي لوڪ هئا، جن کي دنيا فنيقي(Phoenician) جي نالي سان سڃاڻي ٿي ۽ رِگويد واري زماني ۾ پڻي لوڪ غورابن سان مال ڀري، سمنڊ جهاڳي، ڏيساور ڏي ڌن ڪمائڻ ويندا هئا.. سَي ، يقين سان چئي سگهجي ٿو ته، وڻجارا هئا. سامونڊي رستن جي کوجنا کان پهرين، هِتان جي وڻجارن زميني رستن کي پنهنجي واپاري هلچل لاءِ ڪتب آندو؛ هُنن سڀ کان اول مصر ۽ بئبلان کي پنهنجي واپاري سرگرمين جو مرڪز بنايو ۽  هِتان جو جڳ مشهور اُڻيل ڪپڙو" سندن"؛ هُتان جي بازارن ۾ متعارف ڪرايو. هِتان جي لوڪن تجارتي مُسافري سان گڏ پنهنجي تهذيب، رسم و رواجَ ، سوچُن ــ خيالن ۽  مهارتن کي به هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه؛ هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ پهچايو هوندو . عرب خلافت جي اقتدار دوران؛ ديبل بندر جي تباهي کان پوءِ، سنڌو درياهه ۽ سمنڊ جي سنگم تي هڪ نئون بندر وجود ۾ آيو، جنهن کي لاڙي بندر جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. هِتان جي ماڻهن ۾ سِيني دَر سِيني اڃا به اهڙيون روايتون هُلن ٿيون، جن مان اهو انومان ڪڍي سگهجي ٿو ته لاڙي بندر(ٺٽي) ۽ ملتان جي وچ ۾ سنڌوءَ جي ذريعي؛ ٻيڙين وسيلي تجارتي سامان جي سوداگري ٿيندي هئي. ان زماني ۾ ٺٽي ننگر کي مرڪزي اهميت حاصل هئي؛ لاڙي بندر (ٺٽي) ۾ چين جو ريشم ـ شاهراهِ ريشم جي ذريعي ملتان کان ٿيندو لاڙي بندر ايندو هو، جتان پوءِ اهو ريشم روم طرف روانو ٿيندو هو. سنڌ ۽ ملتان جا آڳاٽا تاريخي لاڳاپا نهايت قديم آهن. ملتان جون قديم قومون لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيون هيون ۽ سنڌ جا وڻجارا ۽ واپاري، جڏهن ممبئي ويندا هئا ته اُتان جا ماڻهو کين ملتاني ڪوٺيندا هئا. مشهور روسي تاجر آفناسي نڪيتن وولگا ندي ۽ ڪئسپين سمنڊ جي سنگم تي واقع آستراخان شهر کان سن 1466ع ۾ برصغير جو سفر ڪيو هو ۽ هو دابول (ديبل؟) کان ٿي؛  پنهنجي وطن روس روانو ٿيو هو. جنهن جو تفصيلي ذڪر هُن سندس ڪتاب " ٽي سمنڊ پار''  ۾ ڪيو آهي . 

سوين ڪتابن جا هزارين ورق ورائي، پنهنجِي محبوب ٻوليءَ جو مشاهدو ڪندي، جڳ سڄاڻ عالم، ڊاڪٽر غلام علي الانا لکيو آهي ته "لاڙي بندر ۽ سنڌ جي ٻين بندرن تان ايراني نار، بصرَي، ڪانگو ( بندر عباس) بحرين ، سورت، لکپت، چين، بنگال، لنڪا ڏي سنڌ جو واپار هلندڙ هو ۽ مال جي مٽاسٽا ٿيندي هئي.
انهيءَ دور جو پختو ۽ اکين ڏٺو ثبوت شاهه جي ڪلام مان ملي ٿو. لطيف جا هيٺيان بيت مٿيئن ڳالهه جو دليل آهن.
سودي ڪارڻ سنبهي، ويهون وڻجارن،
ويا چين بنگال ڏي، رکي ماڻڪ من.

لنڪا لنڪا ڪن، لئه لنڪا جي اوهريا،
سڻي سون لنڪا جو، سک نه سامونڊين.
  هتي جا هندو واپاري ۽ تاجر قنڌار  وايا هرات ، مشهد ، قذوين ، تبريز ۽ ڪئسپين پار  وولگا نديءَ جي ڪناري استراخان ويندا هئا ۽ ٻئي روٽ کان شڪارپور وايا ملتان، ڪابل، بلخ، سمرقند بخار ويندا هئا. جن ۾ اسماعيلي خواجه واپارين جو چڱو چوکو تعداد هوندو هو.
  "سن 1636ع  تائين لاڙي بندر هن خطي جو مکيه بندر هو، جتي 200 کان 300 ٽنن جا بار کڻندڙ جهاز اچي بيهندا هئا. سترهينءَ صديءَ جي وچ واري عرصي ۾ وڏي ٻوڏ ۽ درياهه جي لٽَ جي ڪري؛ هِيءُ بندر پنهنجِي شهرت وڃائڻ لڳو".لاڙي بندر جي لَٽجڻ سبب سنڌو نديءَ جي ذريعي؛  ملتان ۽ ٺٽي وچ ۾ ٿيندڙ تجارت بند ٿي ويئي“ ۽ ملتان جو تجارتي اوج ختم ٿي ويو. نئين تجارتي مرڪز شڪارپور جو پايو پئجي چڪو هو. هن شهر کي دُراني سلطنت جي حمايت حاصل هئي. ملتان جي واپارين پنهنجي مڏي ملتان مان پٽي، اچي شڪارپور ۾ وارد ٿيا. قنڌار کان ايندڙ واپاري قافلا سڀ کان پهرين اچي شڪارپور ۾ ديرو ڄمائيندا هئا . ڊاڪٽر ايس پي ڇٻلاڻي، سنڌ جي اقتصادي تاريخ ۾ هن طرح لکيوآهي ته " سنڌ، واپار جي رستن جي وچ تي هجڻ ڪري صدين کان” مشرق و مغرب“ کي ڳنڍيندڙ ذريعو پئي رهي آهي؛ هزارين سالن کان سنڌ ــ تهذيبن جو ورهاست گهر ــ رهي آهي. سوين اٺن جا قافلا قطار در قطار، مختلف قسمن جي مال سان سٿجي ايندا هئا ۽ جيڪي آڻيندا هئا سو لاهي ويندا هئا؛ موٽ ۾ وري سنڌ اندر تيار ٿيندڙ مکيه شين سان ڀرجي ويندا هئا. البيروني لکي ٿو ته اسين پنهنجي، ملڪَ: ترڪستان ۽ سجستان مان لنگهي، سنڌ ۾ پهچندا هئاسين. خراسان، عرب، ايران، ترڪي، ايشيا مائنر، چين، مغربي يورپ سان سنڌ جا گهاٽا تجارتي لاڳاپا هئا. وچ ايشيا سان واپار هڪ شاهي رستي ذريعي ٿيندو هو، جو بکر کان شروع ٿي، سليمان ــ هالار جبلن جي قطار جَي آسان لڪن وچان "بولان درَي" مان لنگهي قنڌار هِرات مَروِ کان ٿيندو ؛ ترڪستان ۾ اچي ختم ٿيندو هو“. ان دور ۾ شاهراهِ ريشم جي مرڪز تي آباد شهرَ سمرقند، تاشقند ۽ بخار ريشم جي مالَ سان ڀريا پيا هوندا هئا. ريشم جي هاڪ مُلڪان مُلڪ مشهور هئي،  انهن ڏينهن؛  ريشم جو واپار چين جي شهر شِيان کان ترڪي جي شهر استنبول تائين ٿيندو هو.  شيان ۽ استنبول درميان سارَي رستي کي شاهراهِ ريشم جي نالي سان سڏيندا هئا. ريشم جي تجارت کي هٿ ۾ ڪرڻ لاءِ، هِتان جي سنڌي وڻجارن مشرق کان مغرب جو اڻانگهو سفر ڪرڻ لاءِ سوچو؛ ڏکيون راهون، اوچا جبلَ، پاڻِي جي اڻاٺ، سفر ۾ راهزن جا خوفَ به؛ وڻجارن جي همتَ ۽ حوصلن کي خطا ڪري نه سگهيا. سوين اُٺن جا قافلا ڪاهي، ويران بيابانن ۽ تَپندڙ صحرائن کي پار ڪري، پاڻي جي قدرتي چشمن تي آباد ٿيل شهرن سمرقند، تاشقند ۽ بخارا پهچندا هئا. جتي ڀانت ڀانت جا سوداگرَ ڏسبا هئا ۽ هنن رونق ڀريل شهرن ۾ وِيهاڪو ٻوليون ڳالهايون وينديون هيون. ڄاڻايل شهرن جي دولت مان خوبصورت محل ماڙيون اڏجڻ لڳيون؛ انهن ۾ آسماني۽ گلابي رنگ جي ڪاشِي جو استعمال ٿيڻ لڳو، سنهري اُڀن گول ڪالمن جي اڏاوت عمل ۾ آئي، ارغواني محرابي دروازن ۽ درين تي بلوري شيشي جي چٽسالي ۽ چترڪاري سان جڙاوت جو ڪم ڪيو ويو ۽ اُهي عمارتون عاليشان ڏيک ڏيڻ لڳيون . حافظ شيرازي، سندس شاعري ۾، هن طرح انهن شهرن جو منظر پيش ڪيو آهي.
اگر آن ترڪِ شيرازي بدست آرد دلِ ما را،
بخالِ هندوش بخشم سمرقند و بخارا را.
  جيڪڏهن اهو شيرازي ترڪ؟ منهنجي دل هٿ ڪري وٺي ها ته سندس مُکَ جي تِر لئه موتي مثل سمرقند ۽ بخارا قربان ڪري ڇڏيان ها؛
  انهن شهرن ۾ ٿيندڙ لاجواب چترڪاري، شاعري، موسيقي، راڳ رنگ، فنِ خطاطي، علم ۽ ڄاڻ هنڌين ماڳين مشهور ٿي ويئي. هتي طب، نجوم ۽ سائنس تي انسائيڪلوپيڊيائون لکجڻ ۾ آيون، ۽ علم عام ٿيو ته  درسگاهون تعمير ٿيڻ لڳيون.  بخارَي جا امير سنڌي شڪارپوري وڻجارن جي دل کولي حمايت ڪندا هئا، ۽ ڏسندي ڏسندي، هُو  وڻجارا  واپار تي ڇائينجي ويا.  اُتان، اُهي وڻجارا مروِ، مشهد، تبريز کان ٿيندا، آستراخان ايندا هئا. انهن جي آمد جي ثابتي مشهور ايراني شاعر، مولانا جلال الدين رومي جي مثنَوَي مان پوي ٿي. سندس هڪ مثنوي ۾ هن طرح لکيل آهي.
    هنديان را اصطلاح هند مدح،
سنديان را اصطلاح سند مدح؛

سنڌين جو پنهنجو محاورو سنڌ جي صفت آهي
هِنديِن جو پنهنجو محاورو هند جي صفت آهي؛
  نه صرف شڪارپوري وڻجارا پر ننگرپارڪر جا اوسوال ذات جا جَينِي واپاري پڻ وچ ايشيا ۽ قُفقاز جي ساري علائقي تي ڇانيل هئا. جَينين جون  پيڊيون بنگال جي شهرن مرشدآباد ۽ ڍاڪا تائين ٻڌڻ ۾ اينديون هيون.
  انگريز مورخن ــ اليگزينڊر برنس، ايڇ ٽِي پوســـٽنس، رچرڊ برٽن ۽ ايوانس جي تحريرن مان پڻ ان ڳالهه جي تصديق ٿئي ٿي ته شڪارپورين جي واپاري پکيڙ، ناڻي جو ڦهلاءُ، هُنڊي جي ذريعي بينڪنگ نظام، وچ ايشيا کان وٺي برصغير جي وڏن شهر ۾ رائج هو. حيدرآباد ۽ شڪارپور جي واپارين جي تنظيم ڪاري، واپاري نفسيات، گهڻ رُخي ناڻي جو ڪارج، هندوستان جي ٻين واپارين سان سندن واپار ۾ چٽا ڀيٽيءَ جي عنصرن کين آرام سان ٿانئيڪو ٿي ويهڻ نه ڏنو هوندو . انهن اُتي ٿي پهچڻ چاهيو، جتي ٻيو ڪو  پهچي نه سگهيو هو. نتيجي ۾ اسان کي سندن پڙاڏا ماسڪو، سينٽ پيٽرس برگ،  ياروسلاول، ڪازان ۽ آستراخان ۾ ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. شڪارپورين کي دُراني حڪمران مانُ ڏيندا هئا. کين، وٽائن مڪمل حفاظت جو يقين ڏياريل هو. جڳ مشهور روسي اسڪالر پروفيسر گانڪوفسڪي لکيو آهي ته" شڪاپوري جا ڀلاوڻا احمد شاهه دُراني کي ناڻي مان سندس فوج لاءِ مدد ڪندا هئا ". روسي تاريخدان، جِي ايل دمتريوف ڄاڻايو آهي ته" اُهو علائقو جيڪو ملتان جي آس پاس آهي، خاص طور سنڌ ـ اُتي جا ڀاٽيا قوم جا واپاري وچ ايشيا جي روسي ـ راڄ ۾ گهڻائي ۾ هئا". اهي ڪابل، بخارا ۽ پري ڪئسپين سمنڊ تائين سفر ڪندا هئا. انهن ۾ مسلم خواجه ۽ هندو وچ ايشيائي ملڪن ۾ تجارت ۾ تڪڙا هئا . محترم دمتريوف، روسي تاريخي دستاويزن جي روشني ۾ پڌرو ڪيو آهي ته" انهن واپارين جو ڪاروبار وچ ايشيا کان اتر ـ اولهه هندوستان، بشول ملتان ـ شڪارپور ـ پشاور ـ لاهور ـ هري پورـ لڌيانه ـ امرتسر ۽ ڪشمير جي شهرن ۽ دهلي کان پري وارن شهرن اله آباد ـ ممبئي تائين پکڙيل هو" . هن کوجنا ڪئي آهي ته روسي آرڪائيوَل رڪارڊ  ۾ اهو به ڄاڻايل آهي ته اُهي واپاري بخارا جي هندوستاني ڪاروانِ سراءِ ۾ ديوالي ملهائيندا هئا، جو هنن جو مبارڪ ڏينهن هو. جنهن کي (هتي) عيدِ چراغان(Lighting Festival) چئبو هو . روسي سائينسي ايڪيڊمي ، سينٽ پيٽرس برگ يونيورسٽي ۾ اسڪالر ڊاڪٽر  اِگور  واءِ ڪوتِين ڄاڻايو آهي ته، انهن پهريَن برصغير جي تاجرن جا نالا معلوم ٿي نه سگهيا آهن، جيڪي برصغير جون شيون روس آڻيندا هئا ۽ سنڌ کان آيل گهڻا تاجر ڏاکڻي روسي شهر آستراخان ۾ قيام ڪندا هئا. (روسي سنڌين کي به هندوستاني سڏيندا هئا، هُو اها شناخت خطي جي بجاءِ مذهب جي بنياد تي ڪندا هئا) جيڪو وولگا ندي جي ڪناري تي آباد آهي. 1917ع ۾ ڪَميُونِسٽ پارٽي جي انقلاب کان پهريائين، هن شهر جي هڪ مرڪزي شاهراه جو نالو هندوستاني شاهراهه هو. شاهراه جي ڪناري تي هڪ پٿر جي ٻه منزلا عمارت اڄ تائين محفوظ آهي. جنهن کي هاڻ هندوستاني گهر ڪري چوندا آهن. هيءَ عمارت آستراخان جي آثارن ۾ شمار ڪئي ويندي آهي. تاريخ جا روسي ماهر ٻڌائين ٿا ته سنڌ جا پهريان تاجر جيڪي روس پهتا هئا. سي سن 1615ع ۾ روس آيا هُئا. آڳاٽن روسي دستاويزن مان وڌيڪ معلوم ٿيو آهي ته آستراخان ۾ هندوستاني گهر؛ جنهن کي سنڌين تعمير ڪرايو هو. تنهن جي اڏاوت سن 1625ع ۾ ڪئي ويئي هئي. ملڪ جا حاڪم روس ۾ ايندڙ سنڌي ۽ ٻين مشرقي ملڪن مان آيل تاجرن جي همت افزائي لاءِ ڪوشان هوندا هئا . انهن تاجرن کي گهٽ ۾ گهٽ ساليانو محصول ڏيڻو پوندو هو يعني هڪ دوڪان جي عيوض ٻارنهن روبل ۽ اهي ٻين لاڳو ٿيل محصولن کان آزاد هوندا هئا. سنڌ جا اُهي تاجر روس ۾ ريشمي ۽ سوٽي ڪپڙو، قالين، قيمتي پٿر، ميوا، سون، چاندي وڪرو ڪندا هئا.  سن1722ع ۾ گرمين جي موسم دوران، روس جو بادشاهه پيٽر اول آستراخان آيو. هن سنڌي تاجر سان ملاقات ڪئي ۽ کائن خير خيريت معلوم ڪئي ۽ هُن تاجرن کان تجارتي ڪم جي باري ۾ سوال ڪيا ۽ هُن، انهن تاجرن کان هند (سنڌ)  ڏي ويندڙ رستن بابت پڻ سوال پڇيا. سنڌ تي برطانوي راڄ قائم ٿيڻ کان پوءِ، اُهي سنڌي تاجرَ روس نٿي اچي سگهيا. روسي اِتهاس مطابق سن1947ع تائين برصغير ۾ ٺهندڙ شيون جيڪي روس کي درآمد ٿينديون هيون، سي بند ٿي ويون. ڊاڪٽر اگور ڪوتين اڀياسي کوجنا ڪندي، ٻڌايو آهي ته جن سنڌي واپارين، روسي تاتاري عورتن سان شاديون ڪيون هيون، تن جو اولاد پنهنجي وڏڙن کي ياد ڪندي، ٻڌائي ٿو ته، سندن ابا ڏاڏا سنڌ جا هئا. روسي اديب، ٽالسٽائيَ جي روحاني پوئلڳ موهنداس ڪرمچند گانڌي، سنڌين کي دنيا جا ماڻهو ڪري پڪاريندو هو ۽ چوندو هو ته سنڌي دنيا ۾ ڪٿي به هجن، پنهنجي وطن سنڌ کي بِنَههَ وسارين ئي ڪونه ٿا. ماضي ۾ ڪراچي ۾ مقرر ٿيل، هندوستان جي پهرين هاءِ ڪمشنر سري پرڪاش پنهنجي يادگيرين ۾ لکيو آهي ته مهاتما گانڌي سندس موت کان اڳ، آخري ڏينهن ۾ ، مون کي چيو هو ته ، منهنجون اکيون ڏسي رهيون آهن ته منهنجي سڄي حياتي جي محنت ۽ خدمت مِٽي ۾ ملي ويئي آهي. ڪجهه ثابتيون آهن ته مهاتما گانڌي جي خاندان جا ماڻهو سنڌ جي پاري ننگر بندر کان پور بندر ڏي لڏي ويا هئا. پاري ننگر هاڪڙي ندي تي آباد بندر هو. جنهن جا ڦٽل نشان ننگر پار ڪر کان 14 ميلن جي فاصلي تي اوڀر طرف آهن .
پُران، مانَ پُڄان؛ بَندَرَ مُون ڏوُر ٿيا،
نه موُن هَڙَ نه هَنجَ ڪِي، جو آئون چَئِي چَڙهان،

سڪندراعظم خلاف ملتانين جي تاريخي مزاحمت

سڪندراعظم خلاف ملتانين جي تاريخي مزاحمت
قاضي آصف

مظلوم قومن ۽ طبقن جي تاريخ به مظلوم ٿيندي آهي. انهن سان منسوب تاريخ ۾ لکيل وڏن وڏن ڪارنامن جي به ڪا وقعت ۽ اهميت ناهي ۽ نه ئي پنهنجي وطن ۽ ماڻهن جي حفاظت لاءِ سندن بهادري ۽ جوانمردي جي ڪارنامن کي تاريخ ۾ ڪا جڳهه ڏني وڃي ٿي. اهڙين مظلوم قومن جي هزارين گمنام شهيدن جي ڳالهه به ڪٿي نه ٿي ملي.
اسان هن لکڻيءَ ۾ ان تاريخ ساز بهادريءَ جي ڳالهه ڪنداسين جڏهن ملتان ۽ سنڌ جي ماڻهن عالمي سپر پاور سان ٽڪر کاڌو ۽ ملتان ۾ نائن اليون کان به وڏو ۽ خطرناڪ واقعو پيش آيو جڏهن عالمي سپر پاور جي چيف ايگزيڪيوٽو کي ملتان ۾ نشانو بنايو ويو. اهو واقعو جيڪڏهن يورپ، عرب ۽ دنيا جي ڪنهن ٻئي هنڌ پيش اچي ها ته ان تي فلمون ٺاهيون وڃن ها ۽ ان واقعي کي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي ها. پر ڇا ڪريون جو هن خطي جي ماڻهن جي مظلوميت جي انتها اها آهي ته پنهنجي وطن جي حفاظت تي جان قربان ڪندڙن جي ڀيٽ ۾ حملا ڪندڙن کي وڌيڪ عزت جي نظر سان ڏٺو ويو ڇاڪاڻ ته اهي فاتح هئا، انهن هن ڌرتي جي لکين پٽن ۽ ڌيئن جو رت وهايو هو. وطن تي زندگي قربان ڪندڙ ملتان ۽ سنڌ سميت دنيا جي هر ملڪ ۾ لکين ماڻهو اهڙا هوندا جن جون نه مزارون آهن نه وري ڪتبا. سنڌ ۽ ملتان ۾ پنهنجي وطن لاءِ لکين ماڻهن تاريخ ساز قربانيون ڏنيون آهن. نه ته سندن نالن جي تاريخ ۾ ڪا ڳالهه آهي ۽ نه ئي سندن ڪا مزار، نه وري ان تي ڪو ڪتبو. پر هاڻي جنهن حال ۾ به آهي ملتان ۽ سيوهڻ دنيا جي انهن چند شهرن منجهان آهن جيڪي هزارين سالن کان جيئرا آهن ۽ گهٽ يا وڌ ان ئي هنڌ قائم آهن جتي اڳ ۾ هئا. انهن کي ان حال ۾ قائم ۽ ڪشش ڪندڙ رکندڙ گمنام شهيدن جا يادگار ملتان ۽ سنڌ جي گهٽ ۾ گهٽ ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ قائم ڪرڻ گهرجن. چون ٿا ته سڪندر اعظم جنهن کي يورپ ۾ اليگزنڊر دي گريٽ جي نالي سان سڏيو ويندو آهي، جيڪڏهن جنگي جنون ۾ نه وٺجي وڃي ها ته هو تمام وڏو فلسفي هجي ها. پر دنيا فتح ڪرڻ ۽ سپر پاور واري جنون سبب ان جهڙو ذهين ماڻهو به لکين ماڻهن کي قتل ڪرڻ کان پاڻ کي روڪي نه سگهيو.
  سڪندراعظم 326 قبل مسيح آڪٽوبر مهيني ۾ ملتان ۽ سنڌ تي حملو ڪيو. يونان جا تاريخدان لکن ٿا ته سڪندر ملتان شهر تي قبضو ته ڪري ورتو هو پر ملتان جو قلعو سندس قبضي ۾ نه پئي آيو. هو ان تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. ان ڪوشش دوران پنهنجي ٽن ساٿين سان گڏ قلعي ٻاهران پهتو ۽ پنهنجي ساٿين کان ڏاڪڻ ڦري قلعي جي ڀت تي چڙهي ويو. قلعي ۾ ان وقت مالو آرمي موجود هئي جيڪا ڪافي انگ ۾ ملتان تي حملي جي وقت کان سڪندر سان جنگ ۾ رُڌل هئي. سڪندر اعظم کي ساٿي سميت قلعي جي ڀت تي ڏسي مالو آرميءَ مٿس حملو ڪري ڏنو. ان وقت دنيا جي سپرپاور جو چيف ايگزيڪيوٽو سڪندر قلعي جي ڀت تي بيٺو هو ۽ مٿس ملتان جي مالو قبيلي جي ماڻهن جي فوج حملو ڪري ڏنو. جنهن سان سڪندر جو هڪ ڪمانڊر قتل ٿي ويو. پنهنجي جان بچائڻ لاءِ سڪندر اعظم قلعي جي ڀت کان هيٺ ٽپو ڏنو ۽ هڪ وڻ کي آڙ بڻائي مالو قبيلي سان مقابلو ڪرڻ لڳو. ان مقابلي دوران ملتان جو گورنر پنهنجي شهر جي حفاظت ڪندي سڪندر هٿان قتل ٿي ويو.
  پنهنجي اڳواڻ جو لاش ڏسي ملتان جا ماڻهو ڄڻ ڇتا ٿي پيا. سڪندر اعظم جي دهشتناڪ فوج، جنهن هن سڄي خطي ۾ دهشت پکيڙي هئي، جي پرواهه ڪرڻ بنا سڪندراعظم تي حملو ڪري ڏنائون ۽ هڪ زهر ۾ ٻڏل تير سڪندر جي زرهه کي چيريندو سندس سيني اندر چُڀي ويو. اهو تنهن وقت جي دنيا ۾ نائن اليون کان ڪنهن طرح به گهٽ واقعو نه هو. دنيا جي سپرپاور جو چيف ايگزيڪيوٽو ملتان جي زمين تي زخمي حالت ۾ پيو هو ۽ سندس زخم مان رت وهي رهيو هو. جنهن هنڌ ملتان جي بهادر جو رت وهيو هو ان ئي هنڌ سڪندراعظم کي پنهنجو رت به وهائڻو پيو. سڪندر جو هڪ ڪمانڊر شاهي ڍال سڪندر جي مٿان رکي کيس وڌيڪ حملن کان بچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. پنهنجي بادشاهه کي سخت زخمي حالت ۾ بيهوش، زمين تي ڪريل، رت وهائيندو ڏسي ڇا ٿيڻو هو؟ اهو ئي جيڪو نائن اليون کان پوءِ هن خطي ۾ ٿيو. ملتان جي ماڻهن تي ڄڻ قيامت ڪڙڪي پئي. يوناني فوج پاڳلن وانگر ملتان ۽ ان جي آس پاس جي علائقن ۾ گهڙي وئي ۽ جيڪو به سامهون آيو ان کي قتل ڪري ڇڏيائون. انهن هي خيال به نه ڪيو ته عورتون گهرن ۾ ويٺيون هيون، ٻار رانديون کيڏي رهيا هئا، پوڙها ڳالهين ۾ رُڌل هئا، پر سڀ ڪجهه يونانين جي تلوارن جو کاڄ ٿيندو رهيو. هڪ ڀيرو وري ملتان جي سرزمين پنهنجي ئي ماڻهن جي رت سان رنگين ٿي وئي.مالو قبيلي جي ماڻهن جو اهو حال ڏسي ملتان  جي هيٺئين حصي جي رهاڪو کيدرڪ قبيلي جا حواس خطا ٿي ويا. اهي ان حد تائين دهشت سٽيل ٿي ويا جو هنن زخمي سڪندر جي آڏو هٿيار ڦٽي ڪري ڇڏيا.
  ملتان جي وطن پرست ماڻهن جي انهيءَ بهادراڻي ويڙهه ۾ گهائجي پوندڙ سپرپاور جو هيڊ آف اسٽيٽ باقي جيڪو وقت جيئرو رهيو اهو زخم سيني تي کنيو وتندو هو. تاريخدان لکن ٿا ته حقيقت ۾ ملتان ۾ هن جيڪو تير جي ڪري زخم کاڌو، سو ڪڏهن به نه ڀرجي سگهيو ۽ اڳتي هلي اهو ناسور بنجي ويو. فارس (ايران) کي فتح ڪرڻ وارو سڪندر جو خواب پورو ضرور ٿيو پر چيو وڃي ٿو ته سڪندر جي موت جو ڪارڻ ملتان واري تير جو گهاءُ هيو، جيڪو سرطان ۾ تبديل ٿي ويو هو.
  ملتان کان پوءِ سڪندر هاڻوڪي سنڌ جي الور (اروڙ) تي حملو ڪيو. الور جي راجا موکي راج ڪا ٻي راهه نه ڏٺي ۽ سوکڙيون پاکڙيون ڏئي بنا ويڙهه جي سڪندر سامهون هٿيار ڦٽا ڪيائين. جنهن جي بدلي ۾ سڪندر الور جي مها راجا کي سنڌ جو چڪر ورتي راجا قبول ڪيو.
  پر ٻئي طرف پنهنجي راجا موکي راج کي بزدلن وانگر هڪ ڌارئي بادشاهه اڳيان ڪنڌ جهڪائيندي ڏسي سنڌ جي عوام ۾ هڪ تمام وڏو جوش پيدا ٿيو جيڪو هڪ بغاوت جي صورت وٺي ويو. برهمڻن پنهنجي گهرن مان نڪري شهر شهر ڳوٺ ڳوٺ وڃي پنهنجي بادشاهه جي بزدليءَ خلاف تحريڪ هلائي. اها تحريڪ ان حد تائين زور وٺي وئي جو الور جي مهاراجا کي ان تي مجبور ٿيڻو پيو ته هو پرڏيهي حملو ڪندڙ اڳيان ڪنڌ جهڪائڻ بدران پنهنجي وطن جي حفاظت لاءِ مقابلو ڪري.
  پنهنجي خلاف سول نافرمانيءَ جي تحريڪ هلندي ڏسي الور جي مهاراجا موکي راجا سڪندراعظم خلاف بغاوت جو جهنڊو کنيو، جڏهن سڪندر کي اها خبر پئي ته سنڌ جي عوام خاص طور برهمڻن مهاراجا موکي راج کي سڪندر خلاف بغاوت تي اڪسايو آهي ته سڪندر پنهنجي فوج کي برهمڻن کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. يوناني تاريخدان پلوٽارچ لکيو آهي ته ظالم سڪندر سنڌ جي ڪيترن ئي فلسفين ۽ برهمڻن کي جيل ۾ وڌو ۽ آخر مٿن ڪوڙا ڪيس هلائي وطن پرستي ۽ وطن سان محبت جي ڏوهه ۾ ڦاسيءَ تي چاڙهي ڇڏيو. يوناني تاريخدان چون ٿا ته سڪندر سنڌ مان گذرڻ وقت اَسي هزار کان وڌيڪ ماڻهو قتل ڪيا. پر پوءِ به هو هن علائقي جي وطن دوست جدوجهد کي ختم نه ڪري سگهيو ۽ نه پنهنجي خلاف ٿيندڙ مزاحمت کي دٻائي سگهيو.
  وطن دوستيءَ ۽ جانثاريءَ جا اهي داستان فاتحن جي ڀر کڻندڙ تاريخدانن ۽ نام نهاد ليکڪن جو ڌيان انڪري حاصل نه ڪري سگهيا جو انهن جو واسطو محروم قومن سان آهي. کين اهو خوف به آهي ته جيڪڏهن انهن مظلومن جيڪي تاريخ ۾ بزدل نه پر بهادر رهيا آهن، پاڻ کي سڃاڻي ورتو ته مٿن زبردستي ۽ ڪنهن به ڊرامي بازي ذريعي حڪومت نه ٿي ڪري سگهجي. مظلوم تڏهن ظالمن لاءِ خطرناڪ بنجي وڃي ٿو جڏهن کيس خبر پئجي وڃي ٿي ته سندس ماضي شرمناڪ نه پر فخر جوڳو هيو.

پاڪستان کي مالا مال ڪندڙ ”سنڌ ڌرتي“ ۽ ”سنڌ جو عوام“

پاڪستان کي مالا مال ڪندڙ ”سنڌ ڌرتي“  ۽ ”سنڌ جو  عوام“

سونهن لڌي رستماڻي

        پاڪستان جي اندر هن وقت تائين تيل ۽ گيس جا جيڪي 126 ذخيرا مليا آهن، اُنهن مان سنڌ جا 98 ذخيرا آهن. سنڌ جي 23 ضلعن مان 18 ضلعن ۾ تيل ۽ گيس جا ذخيرا جهجهي تعداد ۾ مليا آهن. ٿر ۾ ڪوئلي جا جيڪي ذخيرا مليا آهن، ماهرن جي چوڻ موجب 185 بلين ٽن ڪوئلو ٿر ۾ موجود آهي. ٿر جي ڪوئلي تي ڪم هلندڙ آهي.
        12 فيبروري 2010 تي سينيٽر ڊاڪٽر اسماعيل بليدي تيل ۽ گيس جي ذخيرن، پيداوار ۽ نوڪرين / ملازمن جا انگ اکر پُڇيا هيا. ان وقت تيل ۽ گيس جو وفاقي وزير نويد قمر ڪجهه تفصيل ڏنا، جيڪي هيٺينءَ ريت آهن:
        پاڪستان جي ڪل تيل جي پيداوار ۾ سنڌ جو  72% سيڪڙو، ڪل گيس جي پيداوار ۾ سنڌ جو حصو 71% سيڪڙو، ڪوئلو پاڪستان جي ڪل پيداوار ۾ سنڌ جو 99% سيڪڙو حصو آهي. صرف OGDCL ڪمپني روزانو 93 هزار 642 بيرل تيل جي پيداوار حاصل ڪري رهي آهي. 386 ٽن ايل پي جي روزانو ڪڍي ٿي. گندرف 91 ٽن روزانو ڪڍي وڪرو ڪري ٿي. سنڌ جي دادوءَ جي جوهي تعلقي ۾ بي ايڇ پي (BHP) ڪمپني سڄي ملڪ جي ڪل گيس جي پيداوار ۾ 13% پيداوار ڏئي رهي آهي. جوهي تعلقي جي ڪوهستان کيرٿر بلاڪ ڀت جبل ڀرسان “Lasmo Eni” ڪمپني ساليانو 7 ارب 83 ڪروڙ 40 لک روپين جو گيس ڪڍي وڪرو ڪري رهي آهي.
        کيرٿر بلاڪ نمبر 7-2667 ڪوهستان عيسيٰ خان رستماڻي گيس فيلڊ ڪارو ڪوٽ نلي جي گيس ذخيرن کان وڌيڪ مقدار ۽ ڪوالٽي ۾ آهي.
        سنڌ جي ڪنڌڪوٽ، سري / هنڊي، گولاڙچي، خاصخيلي، لغاري، چاچڙ، لاشاري، مولان، ٻوٻي، ڪنري، پاسافي ڏکڻ، سونو، ٽنڊو عالم، ٺوڙها، قادر گيس فيلڊ نوراڻي جاگير، چڪ نمبر66 مسڻ، سانوڻ لطيف، تحليل، مرزاڻي، هالا، بلاڪ نمبر22، بي ايڇ پي گيس فيلڊ جوهي، بي ايڇ پي ڀان سعيدآباد گيس فيلڊ، کير ٿر بلاڪ ڀت گيس فيلڊ، ثاقب کير اي ون، زمزما، سارا سوري، ماڙي پور ۽ سنڌ جي ٻين هنڌن تان تيل ۽ گيس جا شاندار ذخير مليا آهن، جيڪي پاڪستان جي پيداوار ۾ هڪ شاندار رڪارڊ آهي. ليڪن بدقسمتي سان جتي به تيل ۽ گيس ڪوئلي جا جيڪي ذخير مليا آهن انهن ضلعن ۽ علائقن جي مقامي ماڻهن سان ظلم اهو آهي ته انهن بي پهچ ماڻهن کي پنهنجي زمين جا ساليانا معاوضا، نوڪريون ۽ ٻيون سالانه بنيادي سهولتون ڏيڻ بدران نام نهاد اين جي اوز ۽ سياسي اڳواڻن جون ڏهه ئي آڱريون گيهه ۾ آهن.
        18 مئي 2005 تي دفاعي وزارت پيٽروليم ايڪسپلوريشن جو هڪ لائسنس پولش آئل ۽ گيس ڪمپني کي بلاڪ نمبر 7-2667 کير ٿر ڪورنگ ايريا 22.956 اسڪوائر ڪلوميٽر لاءِ ڏنو.
کير ٿر جي دادو ضلعي جي ڪوهستان ۽ بلوچستان جي لسٻيلي زون 3 تائين 956.22 اسڪوائر ڪلو ميٽر ايريا الاٽ ڪيو ويو. کير ٿر نيشنل پارڪ به هن علائقي ۾ اچي وڃي ٿو. ياد رهي ته گڏيل قومن جي عالمي ماحولياتي قانون تحت کير ٿر نيشنل پارڪ کي قانوني طور مڪمل تحفظ حاصل آهي. ان ڪري هن علائقي ۾ ڪنهن به تيل ۽ گيس ڪمپني کي ”ڊرلنگ“، ايڪسپلوريشن، ڌماڪا وغيره ڪرڻ جي بلڪل اجازت نه آهي. باوجود ان جي ڌماڪن جو سلسلو جاري آهي. پوليش گيس ۽ تيل ڪمپني سرڪار سان معاهدو ڪيو هو ته هو پهرئين سال ۾ هڪ ملين آمريڪي ڊالر کير ٿر بلاڪ 7-2667 ۾ اسٽڊي تي خرچ ڪندي.
ٻئي ۽ ٽئين سال 1.8 ملين ڊالر ڊرلنگ وغيره تي خرچ پولش تيل ۽ گيس ڪمپني آپريشنل ايڪسپوليٽري کوهه 200 کان 2800 ميٽر هيٺاهين تائين ڊرلنگ ڪندي.
        پولش تيل ۽ گيس جي لائسنس پيٽروليم ڪنسيشن ايگريمينٽ جي منظوري واري مُعاهدي تي اُن وقت جي وفاقي وزير ۽ نيچرل ريسورس جي وزير امان الله جدون مملڪتي وزير نصير مينگل، وفاقي پيٽروليم ۽ نيچرل ريسورس سيڪريٽري وقار احمد، پولش تيل ۽ گيس ڪمپني جي فنانس ڊائريڪٽر Mr. Mareinkierzkowski جي موجودگيءَ م 18 مئي 2005ع معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون، پولش ۽ گيس لائسنس ملڻ کانپوءِ کيرٿر زون بلاڪ 7-2667 عيسيٰ خان رستماڻي گيس فيلڊ ڪارو ڪوٽ نلي ۾ شهيد رستماڻي قبرستان جي ڀرسان چيڪي جبل جي اوڀر ۾ هڪ کوهه تي ڊرلنگ ڪئي ۽ ڪاميابي حاصل ڪندي هڪ وڏو گيس جو ذخيرو ديافت ڪيو، ان وقت مقامي عيسيٰ خان رستماڻي جي قبيلي جي ماڻهن کي يقين ڏياريو ويو ته قانون موجب توهان کي معاوضو، نوڪريون ڏينداسين ۽ مقامي ماڻهن کي اسپتال، اسڪول، بجلي، گيس، روزگار وغيره به ڏينداسين. اڳتي هلي ”ڪمپني مقامي با اثر وڏيرن، ڪامورن سان ملي ڀڳت ڪري زمين جي اصل حقدارن کي زمين مان طاقت، پوليس، رينجرس جي زور تي تڙي ٻاهر ڪڍيو. پيٽروليم ايگري مينٽ ڪنسيشن جي معاهدي تحت تيل گيس ڪمپنيون پابند آهن، پائيدار ترقيءَ جي اصول تحت مقامي ڪميونٽي جي ماڻهن جي زمين جا معاوضا، نقصان جو ازالو، ماحولياتي آلودگيءَ کان بچاءَ، جيڪڏهن پيداوار روزانو 50 هزار بيرل يا ان کان وڌيڪ حاصل ٿئي ٿي ته پوءِ ڪمپني قانوني طرح پابند آهي ته 57 لک ڊالر مقامي ڪميونٽي تي خرچ ڪري. مقامي ڪميونٽي جي تعاون ۽ انهن جي بنيادي انساني حقن صحت، تعليم، بجلي، روڊ رستا، گيس، روزگار جي فراهمي، مقامي ماڻهن جي صلاح مصلحت سان پائيدار بنيادي ترقي جا موقعا مقامي ڪميونٽي لاءِ پيدا ڪيا ويندا.
قانون موجب ٿيل گيس ڪمپني جي تلاش دوران ڪمپني کي قانون مطابق 50 هزار ڊالر مقامي ڪميونٽي جي فلاح لاءِ خرچ ڪرڻا پوندا.
تيل ۽ گيس ڪمپني جا جتي به کوهه هوندا، ڪمپني قانوني طور پابند آهي ته 5 لک ڊالر مقامي ڪميونٽي جي فلاح لاءِ ساليانو خرچ ڪري، ليڪن هتي تيل، گيس ڪمپنيون با اثر ڌرين، ڪاموراشاهيءَ، نام نهاد اين جي اوز، سياستدانن ۽ مافيائن سان ملي ڪري زمين جي اصل حقدارن مظلوم پورهيت قسم جي ماڻهن ۽ هيٺيئن وچولي طبقي جو سفيد پوش ماڻهو هن ماحول ۾ گهڻو ڀوڳي ٿو، پر ان سان انصاف نٿو ڪيو وڃي.