بندر مون ڏور ٿيا - قاسم علي شاهه


بندَرَ مُون ڏوُرِ ٿيا
قاسم علي شاهه
سنڌ ٽن تهذيبن کي پاڻ ۾ سمايو آهي، اُهي درياهي، سامونڊي ۽ جابلو تهذيبون آهن. ان ڪري اوائلي سنڌ کي  تهذيبن جو مادرِ وطن سمجهو ويندو آهي ۽ کيس دنيا ۾ ممتاز حيثيت حاصل آهي. سنڌو ماٿر تي تحقيق ڪندڙ دنيا جِي اعليٰ يونيورسٽين جَا مڃيل اسڪالر، سنڌو ماٿر تي سوين تحقيقي مقالا، مضمونَ ۽ ڪتابَ لکي چڪا آهن. بنيادي طور سمجهيو ويو آهي ته، سنڌو تهذيب جا اولين وارثَ زرعي ۽ واپاري سماجن سان لاڳاپو رکندا هئا. سنڌو جو سماج زرعي به هو ته گڏوگڏ واپاري سماج به هو. هن سماج ،  متمدن شهري زندگيءَ جو آغاز ڪندي، ترقي پسند معاشري جو پايو وڌو هو. سنڌو ماٿر جي تهذيب کي سمجهڻ لاءِ ضروري هوندو ته آڳاٽِي  سنڌو لکت جي ڀاڃ(Code Break)  ڪئي وڃي . سنڌو جي زرعي سماج بابت ته اسان کي اڳواٽ خبر آهي، پر سنڌو ماٿر جِي ڏيساور جي ملڪن سان ٿيل تجارت بابت تاريخي دستاويزي ثبوتَ وچ ايشيا جي ملڪن ۽ روس جي ڪُتب خانن ۾ ٽڙيل پکڙيل حالت ۾ پڻ موجود آهن. محترم تاج محمد صحرائي ۽ ڪاڪو ڀيرومل مهرچند آڏاڻي هِن راءِ جا هئا ته اولين سنڌوماٿر جا واپاري پَڻِي لوڪ هئا، جن کي دنيا فنيقي(Phoenician) جي نالي سان سڃاڻي ٿي ۽ رِگويد واري زماني ۾ پڻي لوڪ غورابن سان مال ڀري، سمنڊ جهاڳي، ڏيساور ڏي ڌن ڪمائڻ ويندا هئا.. سَي ، يقين سان چئي سگهجي ٿو ته، وڻجارا هئا. سامونڊي رستن جي کوجنا کان پهرين، هِتان جي وڻجارن زميني رستن کي پنهنجي واپاري هلچل لاءِ ڪتب آندو؛ هُنن سڀ کان اول مصر ۽ بئبلان کي پنهنجي واپاري سرگرمين جو مرڪز بنايو ۽  هِتان جو جڳ مشهور اُڻيل ڪپڙو" سندن"؛ هُتان جي بازارن ۾ متعارف ڪرايو. هِتان جي لوڪن تجارتي مُسافري سان گڏ پنهنجي تهذيب، رسم و رواجَ ، سوچُن ــ خيالن ۽  مهارتن کي به هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه؛ هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ پهچايو هوندو . عرب خلافت جي اقتدار دوران؛ ديبل بندر جي تباهي کان پوءِ، سنڌو درياهه ۽ سمنڊ جي سنگم تي هڪ نئون بندر وجود ۾ آيو، جنهن کي لاڙي بندر جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. هِتان جي ماڻهن ۾ سِيني دَر سِيني اڃا به اهڙيون روايتون هُلن ٿيون، جن مان اهو انومان ڪڍي سگهجي ٿو ته لاڙي بندر(ٺٽي) ۽ ملتان جي وچ ۾ سنڌوءَ جي ذريعي؛ ٻيڙين وسيلي تجارتي سامان جي سوداگري ٿيندي هئي. ان زماني ۾ ٺٽي ننگر کي مرڪزي اهميت حاصل هئي؛ لاڙي بندر (ٺٽي) ۾ چين جو ريشم ـ شاهراهِ ريشم جي ذريعي ملتان کان ٿيندو لاڙي بندر ايندو هو، جتان پوءِ اهو ريشم روم طرف روانو ٿيندو هو. سنڌ ۽ ملتان جا آڳاٽا تاريخي لاڳاپا نهايت قديم آهن. ملتان جون قديم قومون لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيون هيون ۽ سنڌ جا وڻجارا ۽ واپاري، جڏهن ممبئي ويندا هئا ته اُتان جا ماڻهو کين ملتاني ڪوٺيندا هئا. مشهور روسي تاجر آفناسي نڪيتن وولگا ندي ۽ ڪئسپين سمنڊ جي سنگم تي واقع آستراخان شهر کان سن 1466ع ۾ برصغير جو سفر ڪيو هو ۽ هو دابول (ديبل؟) کان ٿي؛  پنهنجي وطن روس روانو ٿيو هو. جنهن جو تفصيلي ذڪر هُن سندس ڪتاب " ٽي سمنڊ پار''  ۾ ڪيو آهي . 

سوين ڪتابن جا هزارين ورق ورائي، پنهنجِي محبوب ٻوليءَ جو مشاهدو ڪندي، جڳ سڄاڻ عالم، ڊاڪٽر غلام علي الانا لکيو آهي ته "لاڙي بندر ۽ سنڌ جي ٻين بندرن تان ايراني نار، بصرَي، ڪانگو ( بندر عباس) بحرين ، سورت، لکپت، چين، بنگال، لنڪا ڏي سنڌ جو واپار هلندڙ هو ۽ مال جي مٽاسٽا ٿيندي هئي.
انهيءَ دور جو پختو ۽ اکين ڏٺو ثبوت شاهه جي ڪلام مان ملي ٿو. لطيف جا هيٺيان بيت مٿيئن ڳالهه جو دليل آهن.
سودي ڪارڻ سنبهي، ويهون وڻجارن،
ويا چين بنگال ڏي، رکي ماڻڪ من.

لنڪا لنڪا ڪن، لئه لنڪا جي اوهريا،
سڻي سون لنڪا جو، سک نه سامونڊين.
  هتي جا هندو واپاري ۽ تاجر قنڌار  وايا هرات ، مشهد ، قذوين ، تبريز ۽ ڪئسپين پار  وولگا نديءَ جي ڪناري استراخان ويندا هئا ۽ ٻئي روٽ کان شڪارپور وايا ملتان، ڪابل، بلخ، سمرقند بخار ويندا هئا. جن ۾ اسماعيلي خواجه واپارين جو چڱو چوکو تعداد هوندو هو.
  "سن 1636ع  تائين لاڙي بندر هن خطي جو مکيه بندر هو، جتي 200 کان 300 ٽنن جا بار کڻندڙ جهاز اچي بيهندا هئا. سترهينءَ صديءَ جي وچ واري عرصي ۾ وڏي ٻوڏ ۽ درياهه جي لٽَ جي ڪري؛ هِيءُ بندر پنهنجِي شهرت وڃائڻ لڳو".لاڙي بندر جي لَٽجڻ سبب سنڌو نديءَ جي ذريعي؛  ملتان ۽ ٺٽي وچ ۾ ٿيندڙ تجارت بند ٿي ويئي“ ۽ ملتان جو تجارتي اوج ختم ٿي ويو. نئين تجارتي مرڪز شڪارپور جو پايو پئجي چڪو هو. هن شهر کي دُراني سلطنت جي حمايت حاصل هئي. ملتان جي واپارين پنهنجي مڏي ملتان مان پٽي، اچي شڪارپور ۾ وارد ٿيا. قنڌار کان ايندڙ واپاري قافلا سڀ کان پهرين اچي شڪارپور ۾ ديرو ڄمائيندا هئا . ڊاڪٽر ايس پي ڇٻلاڻي، سنڌ جي اقتصادي تاريخ ۾ هن طرح لکيوآهي ته " سنڌ، واپار جي رستن جي وچ تي هجڻ ڪري صدين کان” مشرق و مغرب“ کي ڳنڍيندڙ ذريعو پئي رهي آهي؛ هزارين سالن کان سنڌ ــ تهذيبن جو ورهاست گهر ــ رهي آهي. سوين اٺن جا قافلا قطار در قطار، مختلف قسمن جي مال سان سٿجي ايندا هئا ۽ جيڪي آڻيندا هئا سو لاهي ويندا هئا؛ موٽ ۾ وري سنڌ اندر تيار ٿيندڙ مکيه شين سان ڀرجي ويندا هئا. البيروني لکي ٿو ته اسين پنهنجي، ملڪَ: ترڪستان ۽ سجستان مان لنگهي، سنڌ ۾ پهچندا هئاسين. خراسان، عرب، ايران، ترڪي، ايشيا مائنر، چين، مغربي يورپ سان سنڌ جا گهاٽا تجارتي لاڳاپا هئا. وچ ايشيا سان واپار هڪ شاهي رستي ذريعي ٿيندو هو، جو بکر کان شروع ٿي، سليمان ــ هالار جبلن جي قطار جَي آسان لڪن وچان "بولان درَي" مان لنگهي قنڌار هِرات مَروِ کان ٿيندو ؛ ترڪستان ۾ اچي ختم ٿيندو هو“. ان دور ۾ شاهراهِ ريشم جي مرڪز تي آباد شهرَ سمرقند، تاشقند ۽ بخار ريشم جي مالَ سان ڀريا پيا هوندا هئا. ريشم جي هاڪ مُلڪان مُلڪ مشهور هئي،  انهن ڏينهن؛  ريشم جو واپار چين جي شهر شِيان کان ترڪي جي شهر استنبول تائين ٿيندو هو.  شيان ۽ استنبول درميان سارَي رستي کي شاهراهِ ريشم جي نالي سان سڏيندا هئا. ريشم جي تجارت کي هٿ ۾ ڪرڻ لاءِ، هِتان جي سنڌي وڻجارن مشرق کان مغرب جو اڻانگهو سفر ڪرڻ لاءِ سوچو؛ ڏکيون راهون، اوچا جبلَ، پاڻِي جي اڻاٺ، سفر ۾ راهزن جا خوفَ به؛ وڻجارن جي همتَ ۽ حوصلن کي خطا ڪري نه سگهيا. سوين اُٺن جا قافلا ڪاهي، ويران بيابانن ۽ تَپندڙ صحرائن کي پار ڪري، پاڻي جي قدرتي چشمن تي آباد ٿيل شهرن سمرقند، تاشقند ۽ بخارا پهچندا هئا. جتي ڀانت ڀانت جا سوداگرَ ڏسبا هئا ۽ هنن رونق ڀريل شهرن ۾ وِيهاڪو ٻوليون ڳالهايون وينديون هيون. ڄاڻايل شهرن جي دولت مان خوبصورت محل ماڙيون اڏجڻ لڳيون؛ انهن ۾ آسماني۽ گلابي رنگ جي ڪاشِي جو استعمال ٿيڻ لڳو، سنهري اُڀن گول ڪالمن جي اڏاوت عمل ۾ آئي، ارغواني محرابي دروازن ۽ درين تي بلوري شيشي جي چٽسالي ۽ چترڪاري سان جڙاوت جو ڪم ڪيو ويو ۽ اُهي عمارتون عاليشان ڏيک ڏيڻ لڳيون . حافظ شيرازي، سندس شاعري ۾، هن طرح انهن شهرن جو منظر پيش ڪيو آهي.
اگر آن ترڪِ شيرازي بدست آرد دلِ ما را،
بخالِ هندوش بخشم سمرقند و بخارا را.
  جيڪڏهن اهو شيرازي ترڪ؟ منهنجي دل هٿ ڪري وٺي ها ته سندس مُکَ جي تِر لئه موتي مثل سمرقند ۽ بخارا قربان ڪري ڇڏيان ها؛
  انهن شهرن ۾ ٿيندڙ لاجواب چترڪاري، شاعري، موسيقي، راڳ رنگ، فنِ خطاطي، علم ۽ ڄاڻ هنڌين ماڳين مشهور ٿي ويئي. هتي طب، نجوم ۽ سائنس تي انسائيڪلوپيڊيائون لکجڻ ۾ آيون، ۽ علم عام ٿيو ته  درسگاهون تعمير ٿيڻ لڳيون.  بخارَي جا امير سنڌي شڪارپوري وڻجارن جي دل کولي حمايت ڪندا هئا، ۽ ڏسندي ڏسندي، هُو  وڻجارا  واپار تي ڇائينجي ويا.  اُتان، اُهي وڻجارا مروِ، مشهد، تبريز کان ٿيندا، آستراخان ايندا هئا. انهن جي آمد جي ثابتي مشهور ايراني شاعر، مولانا جلال الدين رومي جي مثنَوَي مان پوي ٿي. سندس هڪ مثنوي ۾ هن طرح لکيل آهي.
    هنديان را اصطلاح هند مدح،
سنديان را اصطلاح سند مدح؛

سنڌين جو پنهنجو محاورو سنڌ جي صفت آهي
هِنديِن جو پنهنجو محاورو هند جي صفت آهي؛
  نه صرف شڪارپوري وڻجارا پر ننگرپارڪر جا اوسوال ذات جا جَينِي واپاري پڻ وچ ايشيا ۽ قُفقاز جي ساري علائقي تي ڇانيل هئا. جَينين جون  پيڊيون بنگال جي شهرن مرشدآباد ۽ ڍاڪا تائين ٻڌڻ ۾ اينديون هيون.
  انگريز مورخن ــ اليگزينڊر برنس، ايڇ ٽِي پوســـٽنس، رچرڊ برٽن ۽ ايوانس جي تحريرن مان پڻ ان ڳالهه جي تصديق ٿئي ٿي ته شڪارپورين جي واپاري پکيڙ، ناڻي جو ڦهلاءُ، هُنڊي جي ذريعي بينڪنگ نظام، وچ ايشيا کان وٺي برصغير جي وڏن شهر ۾ رائج هو. حيدرآباد ۽ شڪارپور جي واپارين جي تنظيم ڪاري، واپاري نفسيات، گهڻ رُخي ناڻي جو ڪارج، هندوستان جي ٻين واپارين سان سندن واپار ۾ چٽا ڀيٽيءَ جي عنصرن کين آرام سان ٿانئيڪو ٿي ويهڻ نه ڏنو هوندو . انهن اُتي ٿي پهچڻ چاهيو، جتي ٻيو ڪو  پهچي نه سگهيو هو. نتيجي ۾ اسان کي سندن پڙاڏا ماسڪو، سينٽ پيٽرس برگ،  ياروسلاول، ڪازان ۽ آستراخان ۾ ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. شڪارپورين کي دُراني حڪمران مانُ ڏيندا هئا. کين، وٽائن مڪمل حفاظت جو يقين ڏياريل هو. جڳ مشهور روسي اسڪالر پروفيسر گانڪوفسڪي لکيو آهي ته" شڪاپوري جا ڀلاوڻا احمد شاهه دُراني کي ناڻي مان سندس فوج لاءِ مدد ڪندا هئا ". روسي تاريخدان، جِي ايل دمتريوف ڄاڻايو آهي ته" اُهو علائقو جيڪو ملتان جي آس پاس آهي، خاص طور سنڌ ـ اُتي جا ڀاٽيا قوم جا واپاري وچ ايشيا جي روسي ـ راڄ ۾ گهڻائي ۾ هئا". اهي ڪابل، بخارا ۽ پري ڪئسپين سمنڊ تائين سفر ڪندا هئا. انهن ۾ مسلم خواجه ۽ هندو وچ ايشيائي ملڪن ۾ تجارت ۾ تڪڙا هئا . محترم دمتريوف، روسي تاريخي دستاويزن جي روشني ۾ پڌرو ڪيو آهي ته" انهن واپارين جو ڪاروبار وچ ايشيا کان اتر ـ اولهه هندوستان، بشول ملتان ـ شڪارپور ـ پشاور ـ لاهور ـ هري پورـ لڌيانه ـ امرتسر ۽ ڪشمير جي شهرن ۽ دهلي کان پري وارن شهرن اله آباد ـ ممبئي تائين پکڙيل هو" . هن کوجنا ڪئي آهي ته روسي آرڪائيوَل رڪارڊ  ۾ اهو به ڄاڻايل آهي ته اُهي واپاري بخارا جي هندوستاني ڪاروانِ سراءِ ۾ ديوالي ملهائيندا هئا، جو هنن جو مبارڪ ڏينهن هو. جنهن کي (هتي) عيدِ چراغان(Lighting Festival) چئبو هو . روسي سائينسي ايڪيڊمي ، سينٽ پيٽرس برگ يونيورسٽي ۾ اسڪالر ڊاڪٽر  اِگور  واءِ ڪوتِين ڄاڻايو آهي ته، انهن پهريَن برصغير جي تاجرن جا نالا معلوم ٿي نه سگهيا آهن، جيڪي برصغير جون شيون روس آڻيندا هئا ۽ سنڌ کان آيل گهڻا تاجر ڏاکڻي روسي شهر آستراخان ۾ قيام ڪندا هئا. (روسي سنڌين کي به هندوستاني سڏيندا هئا، هُو اها شناخت خطي جي بجاءِ مذهب جي بنياد تي ڪندا هئا) جيڪو وولگا ندي جي ڪناري تي آباد آهي. 1917ع ۾ ڪَميُونِسٽ پارٽي جي انقلاب کان پهريائين، هن شهر جي هڪ مرڪزي شاهراه جو نالو هندوستاني شاهراهه هو. شاهراه جي ڪناري تي هڪ پٿر جي ٻه منزلا عمارت اڄ تائين محفوظ آهي. جنهن کي هاڻ هندوستاني گهر ڪري چوندا آهن. هيءَ عمارت آستراخان جي آثارن ۾ شمار ڪئي ويندي آهي. تاريخ جا روسي ماهر ٻڌائين ٿا ته سنڌ جا پهريان تاجر جيڪي روس پهتا هئا. سي سن 1615ع ۾ روس آيا هُئا. آڳاٽن روسي دستاويزن مان وڌيڪ معلوم ٿيو آهي ته آستراخان ۾ هندوستاني گهر؛ جنهن کي سنڌين تعمير ڪرايو هو. تنهن جي اڏاوت سن 1625ع ۾ ڪئي ويئي هئي. ملڪ جا حاڪم روس ۾ ايندڙ سنڌي ۽ ٻين مشرقي ملڪن مان آيل تاجرن جي همت افزائي لاءِ ڪوشان هوندا هئا . انهن تاجرن کي گهٽ ۾ گهٽ ساليانو محصول ڏيڻو پوندو هو يعني هڪ دوڪان جي عيوض ٻارنهن روبل ۽ اهي ٻين لاڳو ٿيل محصولن کان آزاد هوندا هئا. سنڌ جا اُهي تاجر روس ۾ ريشمي ۽ سوٽي ڪپڙو، قالين، قيمتي پٿر، ميوا، سون، چاندي وڪرو ڪندا هئا.  سن1722ع ۾ گرمين جي موسم دوران، روس جو بادشاهه پيٽر اول آستراخان آيو. هن سنڌي تاجر سان ملاقات ڪئي ۽ کائن خير خيريت معلوم ڪئي ۽ هُن تاجرن کان تجارتي ڪم جي باري ۾ سوال ڪيا ۽ هُن، انهن تاجرن کان هند (سنڌ)  ڏي ويندڙ رستن بابت پڻ سوال پڇيا. سنڌ تي برطانوي راڄ قائم ٿيڻ کان پوءِ، اُهي سنڌي تاجرَ روس نٿي اچي سگهيا. روسي اِتهاس مطابق سن1947ع تائين برصغير ۾ ٺهندڙ شيون جيڪي روس کي درآمد ٿينديون هيون، سي بند ٿي ويون. ڊاڪٽر اگور ڪوتين اڀياسي کوجنا ڪندي، ٻڌايو آهي ته جن سنڌي واپارين، روسي تاتاري عورتن سان شاديون ڪيون هيون، تن جو اولاد پنهنجي وڏڙن کي ياد ڪندي، ٻڌائي ٿو ته، سندن ابا ڏاڏا سنڌ جا هئا. روسي اديب، ٽالسٽائيَ جي روحاني پوئلڳ موهنداس ڪرمچند گانڌي، سنڌين کي دنيا جا ماڻهو ڪري پڪاريندو هو ۽ چوندو هو ته سنڌي دنيا ۾ ڪٿي به هجن، پنهنجي وطن سنڌ کي بِنَههَ وسارين ئي ڪونه ٿا. ماضي ۾ ڪراچي ۾ مقرر ٿيل، هندوستان جي پهرين هاءِ ڪمشنر سري پرڪاش پنهنجي يادگيرين ۾ لکيو آهي ته مهاتما گانڌي سندس موت کان اڳ، آخري ڏينهن ۾ ، مون کي چيو هو ته ، منهنجون اکيون ڏسي رهيون آهن ته منهنجي سڄي حياتي جي محنت ۽ خدمت مِٽي ۾ ملي ويئي آهي. ڪجهه ثابتيون آهن ته مهاتما گانڌي جي خاندان جا ماڻهو سنڌ جي پاري ننگر بندر کان پور بندر ڏي لڏي ويا هئا. پاري ننگر هاڪڙي ندي تي آباد بندر هو. جنهن جا ڦٽل نشان ننگر پار ڪر کان 14 ميلن جي فاصلي تي اوڀر طرف آهن .
پُران، مانَ پُڄان؛ بَندَرَ مُون ڏوُر ٿيا،
نه موُن هَڙَ نه هَنجَ ڪِي، جو آئون چَئِي چَڙهان،

No comments:

Post a Comment