Sindh Hik Tareekhi Mulk


هاڻي سنڌ جي نوجوانن کي سچ سمجهڻو ئي پوندو
زرار پيرزادو 

انگريزن جڏهن دُٻي واري جنگ کٽي ۽ هوش محمد شيديءَ کي شهيد ڪري سنڌ تي قبضو ڪيو هو ته ان وقت سنڌ، هندستان نالي ڪنهن ملڪ حصو نه هئي پر الڳ وطن هئي.
ٿيڻ ائين گهربو هو ته جڏهن انگريز هندستان تي ٽي سئو سال حڪومت ڪرڻ کان پوءِ واپس وڃي رهيا هيا ته سنڌ کي پنهنجي الڳ وطن واري حيثيت تي بحال ڪري وڃن ها پر افسوس ته اهي اهڙي ”اخلاقي جرئت“ جو مظاهرو نه ڪري سگهيا.
اصل ۾ انگريزن پهريون هندستان کي فتح ڪيو ۽ ان بعد سنڌ تي حملو ڪري ان کي پنهنجي برطانوي سلطنت ۾ شامل ڪيو هو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته انگريزن جي هندستان تي قبضي کان اڳ سنڌ، هندستان جو حصو نه هئي.
ائين جڏهن 1940 واري قرارداد پاس ٿي رهي هئي ته تڏهن به اسانجن وڏڙن کي گهربو هو ته اهي پاڪستان نالي ٺهندڙ ڪنهن نئين ملڪ ۾ سنڌ کي ”صوبائي حيثيت“ ڏيارڻ بدران الڳ وطن واري حيثيت۾ بحال ڪرائين ها.
پر ائين نه ڪيو ويو الٽو سنڌ اسيمبليءَ مان پاڪستان ٺاهڻ جي سڀ کان اڳ قرارداد منظور ڪرائي پنهنجن پيرن تي ڪُهاڙي هنئي وئي.
ٻيو ته 1940 واري قرارداد ۾ ورهاڱي جي صورت ۾ لڏ پلاڻ جي ڪا ڳالهه ئي ناهي ڪئي وئي پوءِ آخر سنڌ مان هندن کي ڇو لڏڻ ڏنو ويو ۽ هندستان مان مهاجرن کي ڇو هندستان مان لڏي هيڏانهن سنڌ ۾ اچڻ ڏنو ويو،  اسانجن وڏن جي ٻي وڏي غلطي اها ئي هئي.
اڳتي هلي ته پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ پاڻ به 1955 ۾ ملڪ اندر ون يونٽ مڙهي 1940، قائد اعظم ۽ علامه اقبال واري پاڪستان کان منهن موڙي وئي.
اهو لقاءُ ڏسڻ کان پوءِ بنگالين وڃي پنهنجو ملڪ ”بنگلاديش“ ٺاهيو ۽ جي ايم سيد به ان ملڪي سيٽ اپ مان جند ڇڏائڻ لاءِ ”سنڌو ديش“ جو نعرو لڳايو.
سو 1955 کان پوءِ 1940، قائد اعظم ۽ علامه اقبال واور پاڪستان پر مارشلائن، نظريه ضرورت، ايمرجنسين ۽ آمر حڪومتن جو پاڪستان بڻجي چُڪو هو جنهن ۾ صرف ۽ صرف پنجاب جي مفادن جي ضمانت ڏنل هئي ۽ ننڍن صوبن کي ڀت سان لڳايو ويو.
موجوده مُلڪي سيٽ اپ جي بقا جو هاڻي آخري سهارو 1940 واري قرارداد تي عمل ڪرڻ وڃي رهيو آهي پر الميو اهو آهي ته پاڪستان پنهنجي موجوده 1973 واري آئين جي روح موجب به نٿو هلي.
اهوئي سبب آهي جو اڄ بلوچستان، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه احساس محرومي جو شڪار آهن، ۽ حق خود اراديت جي جدوجهد واري راهه تي نڪري پيا آهن.
بلوچستان جي قوم پرست پارٽين کان پوءِ سنڌي قوم پرست پارٽين به موجوده سيٽ اپ مان پنهنجي بيزاريءَ جو اظهار ڪري عالمي برادريءَ جو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ لاءِ هاڻي ڪراچيءَ اندر وڏا جلسا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا آهن.
سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته بشير خان قريشي جي اڳواڻي ۾ ڪالهه ڪراچي اندر جيڪو تاريخي مارچ ٿيو آهي. تنهن جو مقصد به عالمي برادري کي اهو ياد ڏيارڻ آهي ته سنڌ به تاريخي لحاظ کان ڪڏهن آزاد وطن هو.

2 comments: